Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:20 - Sindhi Bible

20 ۽ فينحاس بن اليعزر اڳين ڏينهن ۾ انهن جو حاڪم هوندو هو، ۽ خداوند انهيءَ سان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 فينحاس ڪاهن ولد اليعزر ڪنهن وقت ۾ انهن دربانن جو نگران هو ۽ ساڻس خدا جو راضپو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.


۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.


۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.


۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.


۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.


جماعت واري تنبوءَ ۾، بني جيرسون جي خاندانن جي اها خدمت آهي، ۽ اهي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ رهن.


جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.


۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ