Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:13 - Sindhi Bible

13 ۽ انهن جا ڀائر، سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس، هڪ هزار ست سؤ ۽ سٺ ڄڻا، جي خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم لاءِ تمام هوشيار ماڻهو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جملي ڪاهن جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا هئا تن جو تعداد هڪ هزار ست سؤ سٺ هو. هو خدا جي گھر جي خدمت جي ڪم لاءِ تمام لائق شخص هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جبرونين مان، حسبياہ ۽ سندس ڀائر، جي هڪ هزار ست سؤ بهادر مرد هئا، اُهي اسرائيل جي مٿان يردن جي پار اُلهندي پاسي نظرداريءَ لاءِ هئا؛ يعني خداوند جي ساري ڪم لاءِ، ۽ بادشاهہ جي خدمت لاءِ هئا.


۽ سندس ٻہ هزار ست سؤ ڀائرن کي، جي بهادر مرد هئا، ۽ اباڻي گهراڻن جا سردار هئا، تن کي دائود بادشاهہ روبينين تي، ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي تي، خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي سڀ ڪنهن ڪم لاءِ مقدم مقرر ڪيو.


۽ انهيءَ جي پٽ سمعياہ وٽ بہ پٽ ڄاوا، جن پنهنجي اباڻي گهراڻي تي حڪومت ڪئي: ڇالاءِ جو اهي زبردست بهادر هئا.


۽ عداياہ بن يروحام، بن فشحور، بن ملڪياہ، ۽ معسي، بن عديئيل، بن يحزيراہ، بن مسلام، بن مسلميت، بن امير؛


۽ لاوين مان؛ سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا؛


۽ انهن جا ڀائر، جي همت وارا بهادر مرد هئا، هڪ سؤ اٺاويهہ: ۽ انهن جي مٿان سردار زيدي ايل بن هجدوليم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ