۽ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، ۽ ٻئي درجي وارن ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ خداوند جي هيڪل مان اُهي سڀ باسڻ ڪڍي ٻاهر ڪن جي بعل جي لاءِ، ۽ يسيرت جي لاءِ، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ جوڙايا هئائون: پوءِ هن اُهي يروشلم جي ٻاهران، قدرون جي ٻنين ۾ ساڙائي ڇڏيا، ۽ انهن جي خاڪ بيت ايل ۾ کڻائي ويو.