Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:1 - Sindhi Bible

1 انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسرائيل ملڪ جي سڀني ماڻهن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. اها ڳالهہ ”اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. يهوداہ ملڪ جي ماڻهن کي سندن ئي گناهن ڪري بابل ڏانهن قيدي ڪري نيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي، ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين، سي ڏس اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.


۽ هو، يهوياڪين کي، ۽ بادشاهہ جي ماءُ، ۽ بادشاهہ جي زالن کي، ۽ سندس عملدارن، ۽ ملڪ جي مکيہ ماڻهن کي قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏانهن وٺي ويو.


۽ سڀني بهادر مردن کي بہ، جي ست هزار هئا، ۽ هنر وارن ۽ ڪاريگرن کي بہ، جي هڪ هزار هئا، ۽ سڀ جي همت ڀريا ۽ جنگ جا لائق هئا، تن کي بہ بابل جو بادشاهہ قيد ڪري بابل وٺي ويو.


۽ اولام جا پٽ همت وارا بهادر مرد ۽ ڪماندار هئا، ۽ انهن کي گهڻا پٽ ۽ پوٽا هئا، جي ڏيڍ سؤ هئا، اهي سڀ بنيمين جا پٽ هئا.


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛


۽ هي اُهي هئا جي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادان ۽ امير مان چڙهي آيا: پر اُهي پنهنجن ابن جا گهراڻا، ۽ پنهنجو نسل، تہ هو اسرائيل مان هئا، سو ثابت ڪري نہ سگهيا:


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو:


انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا.


يعني پهلوان ۽ جنگي مرد؛ قاضي ۽ نبي، فال وجهڻ وارو ۽ ڪهن سال؛


ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن.


انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ