34 ۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛
34 يونتن کي مريبعل نالي پٽ ڄائو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.
هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.
۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.
۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا.
۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.
۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.
۽ ميڪاہ جا پٽ فيتون: ۽ ملڪ، ۽ تاريح، ۽ آخز.
۽ يونتن جو پٽ مريببعل هو؛ ۽ مريببعل کي ميڪاہ ڄائو.