۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.