56 پر انهيءَ شهر جون ٻنيون ۽ انهن جا ڳوٺ هنن ڪالب بن يفنہ کي ڏنا.
56 پر انهيءَ شهر جون آسپاس واريون ٻنيون ۽ ڳوٺ ڪالب ولد يفنہ کي ڏنا ويا.
بن محلي، بن موشي، بن مراري، بن لاوي
۽ يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.
تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.
۽ يفنہ جي پٽ ڪالب کي هن بني يهوداہ سان گڏ حصو ڏنو، جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو، يعني عناق جي پيءُ اربع وارو شهر (جو حبرون آهي.)
۽ بني جرسون کي اشڪار جي فرقي، ۽ نفتالي جي فرقي، ۽ بسن ۾ منسيءَ جي اڌ فرقي جي قبيلن مان ڪڻن سان تيرهن شهر مليا.