34 بن القانہ، بن يروحام، بن الي ايل، بن توح؛
34 ولد القانہ ولد يروحام ولد اليايل ولد توح
بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.
۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
اهو انهن جي خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، تہ هو خداوند جي گهر ۾، جيئن کين هارون سندن پيءُ جو قانون ٻڌل هو، جو خداوند اسرائيل جي خدا کيس حڪم ڏنو هو.
اهي خدمت ڪرڻ وارا ۽ انهن جا پٽ هي آهن. قهاتين جي پٽن مان ڳائڻ وارو هيمان بن يوايل، بن سموايل؛
بن صوف، بن القانہ، بن محت، بن عماسي؛
اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.
۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.
۽ هر روز صبح جو هارون اتي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙي؛ جڏهن هو ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي.
پوءِ هارون ڪاهن جا پٽ، قربانگاهہ تي باهہ رکن، ۽ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکن؛
۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
۽ جيڪڏهن هو پاڪ مڪان ۾ ڪفارو ڪرڻ لاءِ اندر وڃي، تڏهن، جيسين هو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ، ۽ اسرائيل جي ساري جماعت جي لاءِ، ڪفارو ڪري ٻاهر نہ اچي، تيسين ڪوبہ ماڻهو جماعت واري تنبوءَ ۾ نہ رهي.
۽ انهي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان ست ڀيرا انهيءَ تي ڇاٽاري، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪري، يعني بني اسرائيلين جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري.
هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.