Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 6:3 - Sindhi Bible

3 ۽ عمرام جو اولاد؛ هارون، ۽ موسيٰ، ۽ مريم. ۽ هارون جا پٽ؛ ندب ۽ ابيهو، اليعزر، ۽ اتمر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا ۽ هڪ ڌيءَ مريم هئي. هارون جا پٽ هي هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 6:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني عزي ايل مان عمينداب سردار ۽ سندس هڪ سؤ ٻارهن ڀائرن کي.


بني قهات عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل، چار.


بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.


اضهارين مان سلوموت؛ يحت، سلوموت جي پٽن مان هو.


۽ قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، ۽ حبرون ۽ عزي ايل.


اليعزر کي فينحاس ڄائو، فينحاس کي ابيسوع ڄائو؛


۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.


۽ انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسڻ لڳي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي.


تڏهن هن جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ جي تون چوين تہ آءٌ وڃي عبراني زالن مان ڪا دائي سڏي اچان، تہ اها تنهنجي لاءِ هن ٻار کي کير پياري؟


پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.


۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


عمرام پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ يوڪبد سان شادي ڪئي، ۽ انهي مان هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا، ۽ عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.


پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:


پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ