Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:26 - Sindhi Bible

26 ۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سو بني اسرائيل جي خدا، اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول کي کڙو ڪيو، جنهن وڃي هنن تي قبضو ڪيو. هن روبين، جدين ۽ منسيءَ جي اڀريندي واري اڌ قبيلي کي جلاوطن ڪري خلح ۽ هارا شهرن ۾ ۽ جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو آباد ڪيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين رهيا پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.


اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


پوءِ آخز اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو پٽ آهيان: اچي مون کي ارام جي بادشاهہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن مان بچاءِ، جو اُهي مون سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ٿا اچن.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:


غير قومن جي معبودن اُنهن کي ڪو ڇڏايو ڇا، جن کي منهنجي ابن ڏاڏن چٽ ڪيو آهي، يعني جوزان، ۽ حاران، ۽ رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا؟


انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.


انهيءَ جو پٽ بئيرہ، (جنهن کي اسور جو بادشاهہ تلگات پلناصر قيد ڪري وٺي ويو هو) بني روبن جو سردار هو.


انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.


۽ اسور جو بادشاهہ تگلت پلناسر هن تي ڪاهي آيو ۽ هن کي سوڙهو گهٽيائين، پر مدد ڪانہ ڪيائينس.


پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.


جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟


اي خداوند، حقيقت ڪري اسور جي بادشاهن سڀني قومن ۽ انهن جي ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ