Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:25 - Sindhi Bible

25 ۽ هنن پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف قصور ڪيو، ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي معبودن جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، جن کي خدا سندن اڳيان ناس ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر اهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کان ڦري ويا ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي معبودن کي پوڄڻ لڳا، جن کي سندن ئي اڳيان خدا ناس ڪري ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


۽ انهن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هي هئا؛ يعني عيفر، ۽ يسعي، ۽ الي ايل، ۽ عزريئيل، ۽ يرمياہ، ۽ هوداوياہ، ۽ يحدايل، جي همت وارا بهادر مشهور ماڻهو، پنهنجن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا.


انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.


ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛


جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون،


انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.


۽ هيئن ٿيو جو جدعون جي مرڻ شرط، بني اسرائيل وري بہ ڦري ويا، ۽ بعليم جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، ۽ بعل بريت جي عبادت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ