Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:22 - Sindhi Bible

22 انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ جنگ ۾ هنن گھڻا ئي ماڻهو ماري ڇڏيا، ڇو تہ اها جنگ خدا جي مرضيءَ سان هئي. پوءِ جلاوطنيءَ تائين هو انهيءَ ئي علائقي ۾ رهندا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


۽ اِهي ناليوار مٿي ذڪر ڪيل يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ آيا، ۽ هنن جا تنبو، ۽ معونيم جي اُتي لڌائون، تن کي ماريائون ۽ اڄ ڏينهن تائين بلڪل ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ اُنهن جي جاءِ تي رهي پيا: ڇالاءِ جو اُتي هنن جي ڌڻن جي لاءِ چارو موجود هو.


۽ هو انهن جو چوپايو مال وٺي ويا؛ انهن جي اُٺن مان پنجاهہ هزار، رڍن مان اڍائي لک، گڏهن مان ٻہ هزار، ۽ ماڻهن مان هڪ لک وٺي ويا.


۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


القانہ بابت: القانہ جا پٽ؛ سندس پٽ صوفي، ۽ انهيءَ جو پٽ نحت؛


۽ خدا هن کي فلستين، ۽ عرب، جي جوربعل ۾ رهندا هئا، ۽ معونين سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي.


هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ