Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:20 - Sindhi Bible

20 ۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:20
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،


جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن هنن چيو تہ يقيناً اهو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ پاسي تي لڙيا: ۽ يهوسفط هڪل ڪئي.


۽ هو انهن جو چوپايو مال وٺي ويا؛ انهن جي اُٺن مان پنجاهہ هزار، رڍن مان اڍائي لک، گڏهن مان ٻہ هزار، ۽ ماڻهن مان هڪ لک وٺي ويا.


انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.


انهيءَ طرح بني اسرائيل انهيءَ وقت شڪست کاڌي، ۽ بني يهوداہ غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو رکيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ اسرائيل جو بادشاهہ اهو آهي تنهنڪري هو ڦري هن سان وڙهڻ لڳا: پر يهوسفط دانهن ڪئي ۽ خداوند هن کي مدد ڏني، ۽ خدا هنن جي دل ۾ وڌو، ۽ هو انهيءَ کي ڇڏي هليا ويا.


اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.


۽ خدا هن کي فلستين، ۽ عرب، جي جوربعل ۾ رهندا هئا، ۽ معونين سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي.


۽ هن کان دعا گهريائين؛ هن سندس دعا قبول ڪري سندس فرياد ٻڌو ۽ هن کي موٽائي سندس بادشاهت ۽ يروشلم ۾ آندائين. تڏهن منسي کي پڪ ٿي تہ خداوند برابر خدا آهي.


تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو.


راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي.


خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا.


ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.


تڏهن بادشاهہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين تہ داني ايل کي ڪڍي ٻاهر آڻيو. تڏهن داني ايل کي غار مان ڪڍي آندائون، ۽ هن کي ڪنهن بہ قسم جو ايذاءُ نہ رسيو هو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي خدا تي ڀروسو رکيو هو.


خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو.


انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


انهي کان اڳي، يا اُنهي کان پوءِ، انهي جهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جو آواز ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي پاران وڙهيو.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


۽ سائول دائود جي ڏسڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ هن کي هنڌ ۾ پيل ئي کڻي اچو تہ آءٌ هن کي قتل ڪريان.


تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ