Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 5:1 - Sindhi Bible

1 ۽ روبن، جو اسرائيل جو پهريون ڄاول ٻار هو، تنهن جا پٽ، (ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي بستري پليت ڪرڻ ڪري هن جي ڄم ڄائي جو حق، اسرائيل جي پٽ يوسف جي پٽن کي ڏنو ويو، ۽ انهيءَ جو نسب نامو ڄم ڄائي جي حق موجب نہ ورتو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان هم‌بستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 5:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.


تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.


۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ.


هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا.


اسرائيل جا پٽ هي آهن؛ روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون؛


۽ بني مراريءَ مان حوسہ کي بہ پٽ هئا؛ سِمري سردار (خواہ هو پهريتو نہ هو تہ بہ سندس پيءُ هن کي سردار مقرر ڪيو هو؛)


هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا.


تون پنهنجي پيءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اهو تنهنجي پيءُ جو ننگ آهي.


۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهندو، تنهن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.


هاڻي قورح بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، ۽ داتن ۽ ابيرام بن الياب، ۽ اون بن پلت، جي روبن جا پٽ هئا، تن پاڻ سان ڪي ماڻهو گڏ ڪيا:


روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو:


ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.


پر هو حقير زال جي پٽ کي پهريتو ٺهرائي، ۽ انهي کي پنهنجي سموري مال جو ٻيڻو حصو ڏئي: ڇالاءِ جو هو سندس طاقت جو پهريون ڦل آهي؛ ۽ پهريتي جو حق انهي جو آهي.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي سو ملعون آهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


هو ناديدہ خدا جي صورت ۽ ساري مخلوقات کان اڳي مولود آهي؛


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ