Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 4:9 - Sindhi Bible

9 ۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 يعبيض هڪ اهڙو شخص هو جيڪو پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ عزت وارو هو. سندس ماءُ مٿس يعبيض نالو انهيءَ ڪري رکيو جو چيائين تہ ”مون کيس ڏاڍي ڏک سان ڄڻيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 4:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو هن جي يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.


جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو.


۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.


۽ قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ، ۽ حروم جي پٽ آخرخيل جا گهراڻا پيدا ٿيا.


۽ هو پنهنجي زال وٽ ويو ۽ اها پيٽ سان ٿي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين، ۽ انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇالاءِ جو سندس گهر کي خرابي پهتي هئي.


ڀلي تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجي ماءُ خوش رهن، ۽ ڀلي تہ جنهن توکي پيٽ ۾ سانڍيو آهي، سا خوشيون ڪري.


جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس.


هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.


۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ