8 ۽ قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ، ۽ حروم جي پٽ آخرخيل جا گهراڻا پيدا ٿيا.
8 قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ نالي پٽ پيدا ٿيا. هو آخرخيل ولد حروم جي گھراڻن جو وڏو هو.
۽ حيلاہ جا پٽ هئا ضرت ۽ يضوآر ۽ اتنان.
۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو.
۽ ڪاهنن جي اولاد مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي، ۽ انهي جي پٺيان نالو مليو هوس.
انهيءَ کانپوءِ جو حصو الياسب جي گهر جي در کان وٺي الياسيب جي گهر جي پڄاڻيءَ تائين، مريموت بن اورياہ بن هقوص مرمت ڪيو.