Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 4:43 - Sindhi Bible

43 ۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري هو پاڻ اتي رهڻ لڳا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا پيا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 4:43
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان.


۽ لٺيون ايڏيون ڊگهيون هيون جو انهن لٺين جون چهنبون، محراب جي اڳيان، صندوق تائين ڏسڻ ۾ پئي آيون؛ پر ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اُتي آهي.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


جنهنڪري اُها ٻني اڄ ڏينهن تائين خون جي ٻني ٿي سڏجي.


تڏهن هنن اُهي پئسا ورتا ۽ جيئن کين سيکاريو هئائون تيئن ڪيائون: ۽ اها ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.


۽ هو موآب جي ماٿريءَ ۾ بيت فغور جي سامهون دفن ڪيو ويو: پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي قبر جي خبر ڪانهي.


۽ اهو ماڻهو حتين جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو شهر ٻڌائين، ۽ انهي جو نالو لوز رکيائين: جو نالو انهيءَ تي اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


۽ جڏهن هو انهي کي اُتي وٺي آيو تڏهن ڏسن تہ هو سڀ زمين تي پکڙيا ويٺا آهن، ۽ پيا کائن، ۽ پيئن، ۽ مزا ماڻين، ڇالاءِ جو هنن فلستين جي ملڪ مان، ۽ يهوداہ جي ملڪ مان گهڻو لٽ جو مال آندو هو.


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ