4 ۽ فنوايل، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ عزر، جو حوسہ جو پيءُ هو، اهي آهن حور جا پٽ، جو افراتہ جو پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ بيت الحم جو پيءُ هو.
۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.
ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.
۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.
سلما جا پٽ؛ بيت الحم ۽ نطوفاتي، عطرات بيت يوآب ۽ منوختين جا اڌ ماڻهو، ۽ صرعي.
۽ هن جي يهودياڻي زال يرد ڄڻيو، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ حبر، جو شوڪو جو پيءُ هو، ۽ يقوتئيل، جو زنوح جو پيءُ هو. ۽ اهي آهن بتياہ جا پٽ، جا فرعون جي ڌيءَ هئي، ۽ مرِد سان پرڻي هئي.
۽ عيطام جي پيءُ جا هي پٽ هئا؛ يزرعيل ۽ اسمع ۽ ادباس: ۽ انهيءَ جي ڀيڻ جو نالو هضل الفوني هو:
۽ اُهي جدور جي گهڙڻ جي جاءِ تائين ويا، يعني انهيءَ واديءَ جي اُڀرندي پاسي تائين ويا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجن ڌڻن جي واسطي چارو ڳولين.
۽ تقوع جي پيءُ اشور کي ٻہ زالون هيون، حيلاہ ۽ نعراہ.
شعريم، ۽ عديٿيم، ۽ جديرہ، ۽ جديرٿيم؛ چوڏهن شهر سندن ڳوٺن سميت.
۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛