Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 3:2 - Sindhi Bible

2 ٽيون ابي سلوم، جو جسور جي بادشاهہ تلمئيءَ جي ڌيءَ معڪاہ جو پٽ هو؛ چوٿون ادونياہ، جو حجيت جو پٽ هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ٽيون ابي‌سلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 3:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي.


انهيءَ طرح ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور ۾ وڃي نڪتو، ۽ اتي ٽي ورهيہ هو.


پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.


۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.


ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.


تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.


هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


۽ چوٿون ادونياہ هو، جو حجيت جو پٽ هو؛ ۽ پنجون سفطياہ هو، جو ابيطال جو پٽ هو؛


تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن.


۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو.


۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.


۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.


هاڻي دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا، سي هي هئا: پهريون ڄاول امنون، جو اخينوعم يزرعيلي مان هو؛ ٻيو داني ايل، جو ابيجيل ڪرمليءَ مان هو؛


پنجون سفطياہ، جو ابي طال مان هو؛ ڇهون اترعام، جو سندس زال عجلہ مان هو.


انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ