Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 3:16 - Sindhi Bible

16 ۽ يهويقيم جا پٽ؛ ان جو پٽ يڪونياہ، انهيءَ جو پٽ صدقياہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 يهويقيم جا پٽ يهوياڪين ۽ صدقياہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 3:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بابل جي بادشاهہ هن جي چاچي متنياہ کي هن جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي صدقياہ رکيائين.


۽ يهويقيم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ارڙهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو ۽ اُها الناتن جي ڌيءَ هئي، جو يروشلم جو رهاڪو هو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛


۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


۽ يڪونياہ قيديءَ جا پٽ؛ ان جو پٽ سيالتي ايل،


۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:


جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛


۽ جن ڏينهن ۾ هو گرفتار ٿي بابل ڏي ويا، تن ڏينهن ۾ يوشياہ مان يڪنياهہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ