۽ فرعون نڪوہ، الياقيم بن يوسياہ کي سندس پيءُ يوسياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين: پر هن يهوآخز کي وٺي مصر ۾ آندو، جتي هو مئو.
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.
ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛
تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.