12 انهيءَ جو پٽ امصياہ، انهيءَ جو پٽ عزرياہ، انهيءَ جو پٽ يوتام؛
12 امصياہ، عزرياہ، يوتام،
اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز جي ٻئي ورهيہ ۾، يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ بن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو.
۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عزرياہ کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ هو تڏهن سورهن ورهين جو هو.
۽ هوسيع بن ايلہ، فقحہ بن رملياہ جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کي ماري قتل ڪيائين، ۽ يوتام بن عزرياہ جي ويهين ورهيہ ۾، هن جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.
اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.
۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.
۽ عزرياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ هن جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
انهيءَ جو پٽ يورام، انهيءَ جو پٽ اخزياہ، انهيءَ جو پٽ يوآس؛
انهيءَ جو پٽ آخز، انهيءَ جو پٽ حزقياہ، انهيءَ جو پٽ منسي؛
جڏهن امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو، جا يروشلم جي هئي.
۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، عزياہ جو سورهن سالن جو هو، تنهن کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.
يوتام جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي؛ ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسہ هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.