پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.
۽ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهڻ وقت رامہ ۾ جيڪي زخم رسيا هئس سي ڇُٽائي. ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهورام جو پٽ عزرياہ، يهورام بن اخي اب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، ڇالاءِ جو هو بيمار هو.