10 ۽ سليمان جو پٽ رحبعام هو، ۽ انهيءَ جو پٽ ابياہ، انهيءَ جو پٽ آسا، انهيءَ جو پٽ يهوسفط؛
10 سليمان کان وٺي سلسلو هن ريت آهي: سليمان، رحبعام، ابياہ، آسا، يهوسفط،
نيٺ سليمان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو: ۽ رحبعام سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
۽ رحبعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ عموني هو. ۽ سندس پٽ ابيام اُنهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
۽ آسا پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
هاڻي رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ سندس ساري ڄمار تائين جنگ پئي هلي.
۽ ابيام وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ اُنهيءَ جي جاءِ تي سندس پٽ آسا بادشاهہ ٿيو.
انهيءَ جو پٽ يورام، انهيءَ جو پٽ اخزياہ، انهيءَ جو پٽ يوآس؛
اهي سڀ دائود جا پٽ هئا، ۽ انهن کان سواءِ سندس سريتن جا پٽ؛ ۽ تمر انهيءَ جي ڀيڻ هئي؛
بادشاهہ يربعام جي ارڙهين ورهيہ ۾ ابياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
پوءِ ابياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، ۽ آسا سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو: هن جي ڏينهن ۾ ڏهن ورهين تائين ملڪ ۾ آرام هو.
۽ ان جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو، ۽ اسرائيل جي برخلاف پاڻ کي مضبوط ڪيائين.