Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 28:4 - Sindhi Bible

4 تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 28:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


۽ هاڻي اي خداوند، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿيئي، تيئن ڪر.


۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي.


ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


جلعاد منهنجو آهي، منسي بہ منهنجو آهي؛ افرائيم بہ منهنجي مٿي جو بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداهہ منهنجو عصو آهي.


منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو.


جلعاد منهنجو آهي، ۽ منسي بہ منهنجو آهي: افرائيم منهنجي مٿي جي بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداہ منهنجو عصو آهي.


تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


۽ زيفي سائول وٽ جبعہ ۾ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ حڪيلہ جو ٽڪر جو بيابان جي اڳيان آهي تنهن ۾ دائود پاڻ کي لڪايو نہ ويٺو آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ