1.تواريخ 28:2 - Sindhi Bible2 تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 دائود بادشاهہ انهن جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ کين چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهد واري صندوق لاءِ آرامگاهہ ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پيرن جي صندلي ٺاهيان ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.