7 چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.
۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.
۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛
انهن کان سواءِ، لشڪرن جا بهادر مرد هي آهن؛ عساهيل ڀاءُ يوآب جو، الحنان پٽ دودو، جو بيت الحم جو هو؛
هي اهو بناياہ آهي، جو ٽيهن ئي ۾ زبردست هو، ۽ انهن ٽيهن جي مٿان هو: ۽ سندس حصي ۾ سندس پٽ عميزباد بہ شامل هو.
پنجين مهيني لاءِ پنجون سردار سمهوت ازراخي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.