6 هي اهو بناياہ آهي، جو ٽيهن ئي ۾ زبردست هو، ۽ انهن ٽيهن جي مٿان هو: ۽ سندس حصي ۾ سندس پٽ عميزباد بہ شامل هو.
ٽئين مهيني جي لشڪر جو خاص ٽيون سردار يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.
چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.