انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.
اليعزر جي پٽن مان، اتمر جي پٽن کان وڌيڪ رئيس مليا؛ ۽ هو هن طرح ورهايا ويا: جو اليعزر جي اباڻي گهراڻن جا سورهن سردار؛ ۽ اتمر جي پٽن جي اباڻي گهراڻن جا اٺ سردار هئا.
جبرونين مان، حسبياہ ۽ سندس ڀائر، جي هڪ هزار ست سؤ بهادر مرد هئا، اُهي اسرائيل جي مٿان يردن جي پار اُلهندي پاسي نظرداريءَ لاءِ هئا؛ يعني خداوند جي ساري ڪم لاءِ، ۽ بادشاهہ جي خدمت لاءِ هئا.