5 ڇهون عمي ايل، ستون اشڪار، اٺون فعلتي: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي برڪت ڏني هئي.
5 عميايل، اِسڪار، فعلتي. خدا عوبيدادوم کي انهن اٺن پٽن سان نوازيو هو.
۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.
۽ خدا جي صندوق عوبيد ادوم جي قبيلي وٽ سندس گهر ۾ ٽي مهينا رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم جي گهر تي ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن تي برڪت وڌي.
۽ عوبيد ادوم جا هي پٽ هئا؛ پهريتو سمعياہ، ٻيو يهوزباد، ٽيون يوآخ، ۽ چوٿون سڪار، ۽ پنجون نتني ايل؛
۽ انهيءَ جي پٽ سمعياہ وٽ بہ پٽ ڄاوا، جن پنهنجي اباڻي گهراڻي تي حڪومت ڪئي: ڇالاءِ جو اهي زبردست بهادر هئا.
مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.