Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:4 - Sindhi Bible

4 ۽ عوبيد ادوم جا هي پٽ هئا؛ پهريتو سمعياہ، ٻيو يهوزباد، ٽيون يوآخ، ۽ چوٿون سڪار، ۽ پنجون نتني ايل؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 عوبيدادوم جا اٺ پٽ چونڊيا ويا، جيڪي ترتيبوار هي هئا: سمعياہ، يهوزباد، يوآخ، سڪار، نتني‌ايل،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.


۽ خداوند جي صندوق ٽي مهينا عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم، ۽ سندس سڄي گهراڻي کي برڪت ڏني.


۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.


۽ خدا جي صندوق عوبيد ادوم جي قبيلي وٽ سندس گهر ۾ ٽي مهينا رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم جي گهر تي ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن تي برڪت وڌي.


۽ انهن سان سندن ٻئي درجي جي ڀائرن، يعني زڪرياہ، ۽ بين، ۽ يعزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ معسياہ، ۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم ۽ يعي ايل، جي دربان هئا.


۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعيئيل، ۽ عزرياہ، شمنيت جي سر تي اڳرو بربط وڄائين.


۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.


۽ عوبيد ادوم ۽ سندس اٺهٺ ڀائرن کي، ۽ عوبيد ادوم بن يدوتون، ۽ حوساہ کي بہ رکيو تہ درباني ڪن:


پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛


پنجون عيلام، ڇهون يهوحانان، ستون اليهوعيني.


ڇهون عمي ايل، ستون اشڪار، اٺون فعلتي: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي برڪت ڏني هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ