Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:32 - Sindhi Bible

32 ۽ سندس ٻہ هزار ست سؤ ڀائرن کي، جي بهادر مرد هئا، ۽ اباڻي گهراڻن جا سردار هئا، تن کي دائود بادشاهہ روبينين تي، ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي تي، خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي سڀ ڪنهن ڪم لاءِ مقدم مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 يرياہ کي ٻہ هزار ست سؤ مائٽ هئا جيڪي قابل ماڻهو ۽ ڪٽنبن جا وڏا هئا، تن کي دائود بادشاهہ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبين تي، بني جد تي ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي تي خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي هر ڪنهن ڪم لاءِ نگران مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:32
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يردن جي هن ڀر روبن ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هر قسم جي جنگ جي هٿيارن سان هڪ لک ۽ ويهہ هزار.


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.


لاوي جا پٽ اهي هئا؛ جي پنهنجي پنهنجي اباڻي گهراڻي موجب، يعني انهن اباڻن گهراڻن جا سردار جي هڪ هڪ ڪري شمار ڪيا ويا هئا: اُهي جي ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ڪندا هئا.


انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.


بني اسرائيل پنهنجي شمار موجب، يعني اباڻي گهراڻي جي رئيسن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ سندن عملدارن، مهيني بہ مهيني، سال جي سڀني مهينن ۾، اچڻ وڃڻ جي ترتيب موجب بادشاهہ جي خدمت ٿي ڪئي: هرهڪ حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.


۽ ڏس، خداوند جي سڀني ڳالهين ۾ امرياہ سردار ڪاهن اوهان جي مٿان آهي، ۽ بادشاهہ جي سڀني ڳالهين ۾ زبدياہ بن اسماعيل، يهوداہ جي گهراڻي جو سردار، اوهان جي مٿان آهي: لاوي بہ اوهان جي اڳيان عملدار ٿيندا. همت سان هلو، ۽ خداوند نيڪ ماڻهن سان هجي.


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي سان يشوع ڳالهايو، ۽ چيائين تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ