اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.
انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.