24 سبوايل بن جيرسوم، بن موسيٰ، خزانن جي مٿان هئا.
24 اليعزر جي ڀاءُ جيرشوم ولد موسيٰ جي اولاد مان سبوايل خزانن جي مٿان اعليٰ عملدار هو.
۽ بني اليعزر؛ رحبياہ سردار هو. ۽ اليعزر کي ٻيا پٽ ڪين هئا؛ پر رحبياہ جا گهڻا ئي پٽ هئا.
۽ باقي بني لاويءَ مان: سوبائيل، جو عمرام جي پٽن مان هو؛ يهدياہ جو سوبائيل جي پٽن مان هو.
۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.
عمرامين مان، اضهارين مان، حبرونين مان ۽ عزي ايلين مان:
۽ سندس ڀائر، اليعزر مان انهيءَ جو پٽ رحبياہ، ۽ سندس پٽ يسعياہ، ۽ انهيءَ جو پٽ يورام، ۽ انهيءَ جو پٽ زڪري، ۽ انهيءَ جو پٽ سلوميت.