Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:20 - Sindhi Bible

20 ۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ بلڪ هو سڀ ڪجهہ کڻي ويو: ۽ جيڪي سون جون سپرون سليمان جوڙايون هيون سي سڀ هو کڻي ويو.


تنهن کان پوءِ خداوند جي گهر جي خزاني ۾ جيڪو روپو ۽ سون بچيو هو سو، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا، آسا کڻي پنهنجن نوڪرن جي هٿ ۾ ڏنا: ۽ بادشاهہ آسا اُهي بن هدد، بن طبرمون، بن حزيون، ارام جي بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا، جو دمشق ۾ رهندو هو ۽ چوائي موڪليائينس تہ


انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.


بني قوري ۽ بني مراريءَ لاءِ اها هئي دربانن جي ترتيب.


بني لعدان؛ جي لعدان جي گهراڻي جا ۽ جيرسوني هئا، ۽ لعدان جي جيرسونيءَ جي اباڻي گهراڻن جا سردار هئا؛ سي آهن يحي ايلي.


بني يحي ايلي، زيتام ۽ سندس ڀاءُ يوايل جي خداوند جي گهر جي خزانن جي مٿان هئا.


سبوايل بن جيرسوم، بن موسيٰ، خزانن جي مٿان هئا.


۽ جيڪو حڪم بادشاهہ ڪاهنن، ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏنو هو، تنهن کان هو ٻاهر نہ ويا.


انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا.


۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ