17 اُڀرندي پاسي ڇهہ لاوي، اُتر پاسي هر روز چار، انبارخاني لاءِ ٻہ.
17 اوڀر پاسي ڇهہ دربان، اتر پاسي چار، ڏکڻ پاسي چار ۽ ٻنهي گودامن تي ٻہ ٻہ دربان مقرر ڪيا ويا.
سفيم ۽ حوسہ لاءِ اُلهندي جو يعني سلڪت جي دروازي وٽ جتان ٻنڌ مٿي ٿي ويو، ائين تہ هڪ ٻئي جي سامهون پهرو ڏين.
ڏکڻ پاسي علائقي لاءِ، ٻنڌ وٽ چار، ۽ علائقي لاءِ ٻہ.
چئني پاسن کان دربان هوندا هئا، يعني اُڀرندي، اُلهندي، اُتر ۽ ڏکڻ ڏي.
۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.
۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.
متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون، عقوب، دربان هئا، جي دروازي وارن انبارخانن جي ڪوٺين تي پهرو ڏيندا هئا.