13 ۽ انهن مان، ننڍن توڙي وڏن، پنهنجي اباڻي گهراڻن موجب، هرهڪ دروازي لاءِ ڪڻا وڌا.
13 انهن مان ننڍن توڙي وڏن ڪٽنبن ڪڻا وڌا تہ کين ڪهڙي دروازي جي ذميواري سنڀالڻي آهي.
انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.
انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.
۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا.
انهن مان ئي يعني سردارن مان دربانن جي ترتيب لاءِ مقرر ڪم هو، تہ پنهنجن ڀائرن وانگر خداوند جي گهر ۾ خدمت ڪن.
۽ اُڀرندي لاءِ سمعياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کانپوءِ سندس پٽ زڪرياہ لاءِ، جو عقلمند مشير هو، هنن ڪڻو وڌو؛ ۽ سندس ڪڻو اُتر لاءِ پيو.