11 ٻيو خلقياہ، ٽيون طبلياہ، چوٿون زڪرياہ: حوسہ جا سڀ پٽ ۽ ڀائر تيرهن هئا.
11 خلقياہ، طبلياہ ۽ زڪرياہ. حوساہ جي ڪٽنب وارا اهي جملي تيرهن ڄڻا هئا.
۽ جڏهن هنن بادشاهہ کي سڏيو تڏهن وٽن الياقيم بن خلقياہ، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، سو ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار نڪري آيا.
۽ بني مراريءَ مان حوسہ کي بہ پٽ هئا؛ سِمري سردار (خواہ هو پهريتو نہ هو تہ بہ سندس پيءُ هن کي سردار مقرر ڪيو هو؛)
انهن مان ئي يعني سردارن مان دربانن جي ترتيب لاءِ مقرر ڪم هو، تہ پنهنجن ڀائرن وانگر خداوند جي گهر ۾ خدمت ڪن.