Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 25:2 - Sindhi Bible

2 بني آسف مان، زڪور، ۽ يوسف، ۽ نتنياہ، ۽ اسري لاہ، آسف جا پٽ، آسف جي هٿ هيٺ هئا، جو بادشاهہ جي حڪم موجب نبوت ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسري‌لاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 25:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو لاوين هيمان بن يوايل؛ ۽ هن جي ڀائرن آسف بن برڪياہ؛ ۽ بني مراري مان هن جي ڀائرن، ايتان بن قوسياہ کي مقرر ڪيو؛


پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛


انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:


يدوتون مان: جدلياہ، ۽ ضري، ۽ يسعياہ، حسبياہ، ۽ متتياہ. اهي ڇهہ؛ يدوتون جا پٽ پنهنجي پيءُ يدوتون جي هٿ هيٺ بربط وڄائيندا هئا، جو خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان نبوت ڪندو هو.


اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا.


۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا.


۽ انهيءَ جو ڀاءُ آسف، جو هن جي سڄي هٿ پاسي بيهندو هو، يعني آسف بن برڪياہ، بن سمعا؛


۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.


بيشڪ خدا اسرائيل تي مهربان آهي. يعني انهن تي جيڪي پاڪ دل آهن.


اي خدا تو اسان کي هميشہ جي لاءِ ڇو ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي چراگاهہ جي رڍن تي ڇو تنهنجي ڪاوڙ جو دونهون دکيو آهي؟


اي خدا اسين تنهنجي شڪر گذاري ٿا ڪريون؛ تنهنجا ٿورا ٿا مڃيون، ڇو جو تنهنجو نالو ويجهو آهي: ماڻهو تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ٿا ڪن.


خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي.


آءٌ بلند آواز سان خدا جي حضور فرياد ڪندس؛ يعني خدا جي حضور ۾ پڪاريندس، ۽ هو مون ڏانهن ڪن ڏيندو.


اي منهنجي قوم منهنجي شريعت ٻڌ: ۽ منهنجي وات جي ڪلام تي ڪن ڏي.


اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.


خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري.


اي خدا تون ماٺ نہ ڪر: اي خدا تون بس ڪري نہ ويهہ، ۽ چپ نہ ٿيءُ.


جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ توکي ڪپڙا آهن، تون اچي اسان جو حاڪم ٿيءُ؛ ڀلي تہ هي اُجاڙ ملڪ تنهنجي هٿ هيٺ اچي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ