6 ۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.
6 دائود لاوين کي سندن گھراڻن موجب ٽن حصن ۾ ورهايو، يعني جيرشون، قهات ۽ مراري.
جيرسونين مان هي هئا، لعدان ۽ سمعي.
۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
۽ دربانن جي ترتيب هيءَ هئي: قورحين مان مسلمياہ بن قوري، جو آسف جي پٽن مان هو.
۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، ۽ خدا جي گهر جي عبادت جي سڀ ڪم، ۽ خداوند جي گهر جي عبادت جي سڀني ٿانوَن جو نمونو ڏنو:
لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.
لاويءَ جا پٽ؛ جيرسوم، قهات ۽ مراري.
۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.
۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.
۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.
انهيءَ طرح عبادت جي تياري ٿي، ۽ ڪاهن پنهنجي جاءِ تي بيٺا، ۽ لاوي پنهنجن حصن موافق بيٺا، جيئن ڪ بادشاهہ حڪم ڪيو هو.
۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي ليکي موجب اوهين پنهنجن ابن جي گهراڻن موافق حصا حصا ڪري پاڻ کي تيار رکو.
۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.
۽ هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي ۾، لاوين کي پنهنجي پنهنجي واري تي، يروشلم ۾ خدا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو؛ جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
۽ لاويءَ جا پٽ سندن نالن موجب هي هئا؛ يعني جيرسون، قهات ۽ مراري.
هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن.
جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي: