Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:5 - Sindhi Bible

5 ۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر لاءِ ۽ بادشاهہ جي گهر لاءِ ٿنڀ، ۽ ڳائڻ وارن جي لاءِ بربط، ۽ سنطور بہ ٺهرايا: اهڙا چندن جا وڻ وري اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ نہ آيا، ۽ نہ ڪڏهن ڏٺا ويا.


تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.


۽ عوبيد ادوم ۽ سندس اٺهٺ ڀائرن کي، ۽ عوبيد ادوم بن يدوتون، ۽ حوساہ کي بہ رکيو تہ درباني ڪن:


۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:


۽ روز بروز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪن؛


۽ ڳائڻ وارا، جي لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هوندا هئا، ۽ جي ڪوٺين ۾ رهندا هئا، ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ کان آزاد هوندا هئا، سي اهي آهن: ڇالاءِ جو اُهي رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ هو سنطورن ۽ بربطن ۽ قرنائن سان، يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ گهڙيا.


هو بار کڻڻ وارن جي مٿان بہ هئا، ۽ جيڪي ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندا هئا، تن کان سعيي سان ڪم هلارائيندا هئا: ۽ لاوين مان محرر ۽ عملدار ۽ دربان بہ هئا.


۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.


۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.


انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ ماڻهن مان ڪي، ۽ نتينيم، ۽ سڀ اسرائيلي، پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لڳا. ۽ جڏهن ستون مهينو آيو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجن شهرن ۾ هئا.


ڳائيندڙ ۽ ناچ ڪندڙ چوندا تہ منهنجا سڀ چشما تو منجهہ آهن.


تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي.


جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ