Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:4 - Sindhi Bible

4 انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 بادشاهہ انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ۽ ڇهن هزارن کي عملدار ۽ جج مقرر ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جا ڀائر لاوي خدا جي گهر جي تنبوءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.


انهيءَ کانسواءِ يهوسفط يروشلم ۾ لاوين ۽ ڪاهنن مان ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪي مقرر ڪيا تہ خداوند جي طرفان عدالت ڪن ۽ بحث مباحثا هلائين. ۽ پوءِ اهي يروشلم ڏي موٽي آيا.


۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.


هو بار کڻڻ وارن جي مٿان بہ هئا، ۽ جيڪي ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندا هئا، تن کان سعيي سان ڪم هلارائيندا هئا: ۽ لاوين مان محرر ۽ عملدار ۽ دربان بہ هئا.


پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو.


۽ يوايل بن زڪري، انهن جي مٿان نظر ڪندڙ هو: ۽ يهوداہ بن هسنوہ، شهر جي حاڪم جو نائب هو.


۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ