1.تواريخ 22:7 - Sindhi Bible7 ۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.