Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:5 - Sindhi Bible

5 ۽ دائود چيو تہ، منهنجو پٽ سليمان اڃا ننڍڙو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ جيڪو گهر خداوند جي لاءِ ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڀني ملڪن ۾ مشهور ۽ شاندار ٿئي: تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ تياري ڪندس. سو دائود پنهنجي وفات کان اڳي گهڻي تياري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 دائود چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان اڃان ننڍڙو ۽ ناتجربيڪار آهي. خداوند جي لاءِ جيڪو گھر ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ شاندار هئڻ گھرجي. تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ اڳي ئي تياري ڪري ڇڏيان.“ سو دائود انهيءَ لاءِ پنهنجي وفات کان اڳي ئي گھڻي تياري ڪري ڇڏي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.


۽ جيتوڻيڪ هيءُ گهر تمام مٿانهون آهي، تہ بہ جيڪو اُنهيءَ وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ شوڪارا ڀريندو؛ ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


۽ دائود بادشاهہ ساري جماعت کي چيو، تہ خدا فقط منهنجي پٽ سليمان کي چونڊيو آهي، ۽ هو اڃا ننڍو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ ڪم تمام وڏو آهي: ڇالاءِ جو اهو محل اسان جي لاءِ نہ آهي، پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.


۽ هن وٽ بيهودا ماڻهو، شيطان زادا، اچي گڏ ٿيا، ۽ جڏهن رحبعام اڃا ننڍو ۽ نرم دل هو، ۽ هنن سان مقابلو ڪري نہ ٿي سگهيو، تڏهن هو زور وٺي رحبعام بن سليمان جي برخلاف ٿي بيٺا.


ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


۽ جيڪو گهر آءٌ جوڙيان ٿو سو وڏو آهي: ڇالاءِ جو اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڏو آهي.


مون وٽ سرو جا وڻ، ۽ صنوبر جا وڻ، ۽ صندل جا وڻ، لبنان مان موڪلي ڏي: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر لبنان ۾، وڻن وڍڻ جو ڪم چڱو ٿا ڄاڻن؛ ۽ ڏس، منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان گڏ رهندا،


۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:


ڇالاءِ جو آءٌ بہ پنهنجي پيءُ جو هڪڙو پٽ هوس، ۽ پنهنجي ماءُ جي نظر ۾ نازڪ ۽ اڪيلو ئي اڪيلو پيارو هوس.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.


اوهان مان ڪهڙو بچيو آهي جنهن هن گهر کي سندس اڳين رونق ۾ ڏٺو هو؟ ۽ هاڻي اوهين انهي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي نظر ۾ اُهو ڪين جهڙو آهي ڇا؟


هن گهر جي پوئين رونق پهرين کان وڌيڪ ٿيندي: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هتي آءٌ صلح سلامتي بخشيندس.


۽ ڪي هيڪل جي بابت چوڻ لڳا تہ ڪهڙن نہ عمدن پهڻن ۽ نذران جي شين سان سينگاريل آهي، تنهن تي هن چيو تہ


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ