3 ۽ دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ گهڻو لوهہ تيار ڪيو؛ ۽ بي انداز پتل بہ؛
3 دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ تمام گھڻو لوهہ ۽ بيانداز پتل پڻ ڏنو.
۽ سليمان انهن سڀني باسڻن جي تور نہ ڪرائي، ڇالاءِ جو اُهي نهايت گهڻا هئا؛ پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگهي.
هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.
هاڻي مون پنهنجي وت آهر پنهنجي خدا جي گهر جي واسطي سون جي شين لاءِ سون، چانديءَ جي شين لاءِ چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، عقيق، ۽ جڙيل پٿر، ۽ ميناڪاريءَ لاءِ رنگين پٿر، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا قيمتي پٿر، ۽ گهڻو سنگ مرمر تيار ڪيو آهي.
خدا جي گهر جي ڪم لاءِ پنج هزار قنطار ۽ ڏهہ هزار درهم سون، ڏهہ هزار قنطار چاندي، ارڙهن هزار قنطار پتل، ۽ هڪ لک قنطار لوهہ ڏنو.
انهيءَ طرح سليمان اهي سڀ باسڻ بيشمار جوڙايا: ايترا جو پتل جي تور معلوم ٿي نہ سگهي.
ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ، ۽ ٻارهن پتل جا ڍڳا، جي پاين هيٺان هئا، ۽ جي سليمان بادشاهہ خداوند جي گهر لاءِ جوڙايا هئا: ۽ انهن سڀني ٿانوَن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.
جنهن ملڪ ۾ تون پيٽ ڀري ماني کائيندين، ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي؛ جنهن ملڪ جا پهڻ بہ لوهہ آهن، ۽ جنهن جي ٽڪرين مان تون ٽامو کوٽي ڪڍندين.