Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:19 - Sindhi Bible

19 هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:19
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توکي خبر آهي تہ هر طرف جنگين هئڻ سبب منهنجو پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي گهر جوڙائي نہ سگهيو، جيسين ڪ خداوند اُهي سندس پيرن جي ترين هيٺ ڪيا.


۽ اُتي صندوق جي لاءِ جاءِ مقرر ڪئي اٿم، جنهن ۾ خداوند جو عهدنامو آهي، جو هن اسان جي ابن ڏاڏن سان تڏهن ڪيو هو، جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.


۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ.


هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو؛ جيڪي خداوند جا طالب آهن، تن جي دل خوش ٿئي.


خداوند ۽ سندس قدرت جي ڳولا ڪريو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.


سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.


۽ ڪاهنن خداوند جي عهدنامي جي صندوق، گهر جي محراب ۾ تمام پاڪ مڪان ۾، يعني ڪروبين جي پرن هيٺ، پنهنجي جاءِ تي کڻي رکي.


انهيءَ هنڌ مون اُها صندوق رکي آهي جنهن ۾ خداوند جو عهد اقرار آهي، جو هن بني اسرائيل سان ڪيو.


مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.


خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.


اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.


۽ اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جڏهن اوهين مون کي پنهنجي سموري دل سان ڳوليندا تڏهن مون کي لهندا.


۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان.


تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.


پهاڙي علائقي ۾ وڃو ۽ ڪاٺ آڻي گهر اڏيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ ۾ خوش ٿيندس، ۽ انهيءَ ۾ منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.


پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ