Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:18 - Sindhi Bible

18 خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هن کين چيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا اوهان سان آهي. هن اوهان کي هر طرف کان آرام ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي اڳ رهندا هئا، تن کي هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي ۽ هاڻي هو سڀ خداوند جي ۽ اوهان جي تابع آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.


ڏس، توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جو صلح پسند انسان ٿيندو؛ ۽ آءٌ کيس سڀني آس پاس جي دشمنن کان آرام ڏيندس: ڇالاءِ جو هن جو نالو سليمان ٿيندو، ۽ آءٌ سندس ڏينهن ۾ اسرائيل کي صلح ۽ امن بخشيندس:


ڇالاءِ جو دائود چيو، تہ خداوند اسرائيل جو خدا، جو يروشلم ۾ هميشہ لاءِ رهي ٿو، تنهن پنهنجيءَ قوم کي آرام بخشيو آهي:


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ