خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.
۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.