Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:11 - Sindhi Bible

11 هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 دائود وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اي پٽ! خداوند شل تو سان گڏ هجي ۽ خداوند تنهنجو خدا پنهنجي هيڪل ٺاهڻ ۾ شل تو کي ڪامياب ڪري، جيئن هن تنهنجي باري ۾ فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.


۽ خداوند جيڪو ڪلام ڪيو هو سو هن پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند انجام ڪيو هو، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.


اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


هاڻي خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شل اوهان سڀني سان هجي. آمين.


شل خداوند تنهنجي روح سان هجي ۽ تو تي فضل ٿيندو رهي.


۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو.


خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ