Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:10 - Sindhi Bible

10 هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو؛ ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو، ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس؛ ۽ آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ اسرائيل تي قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هو ئي منهنجي نالي تي هيڪل ٺاهيندو. هو منهنجو پٽ ٿيندو ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس. آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ بني اسرائيل تي قائم ڪندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوڻ لڳو تہ تون ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي، ۽ ساري اسرائيل قوم پنهنجا منهن مون ڏي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ بادشاهي ڪريان: پر بادشاهي ڦري منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي: ڇالاءِ جو اُها خداوند جي طرفان انهيءَ جي هئي.


تنهنڪري هاڻي خدا جيئري جو قسم آهي جنهن مون کي قائم ڪيو آهي، ۽ منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي مون کي ويهاريو اٿس، ۽ جنهن منهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، جيئن ڪ اڳيئي انجام ڪيو هئائين، تہ ضرور ادونياہ اڄوڪي ڏينهن قتل ڪيو ويندو.


۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ هو چوڻ لڳو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن پنهنجي وات سان منهنجي پيءُ دائود سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ


تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.


۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.


تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان جيڪو انجام ڪيو هو سو پورو ڪيو آهي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو ۽ پنهنجي هٿ سان اهو پورو ڪري ڏيکاريو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


هو مون کي پڪاري چوندو تہ تون منهنجو پيءُ، ۽ منهنجو خدا، ۽ منهنجي نجات جو ٽڪر آهين.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ